چيچڙو 1

چيچڙو 1 (ڳوٺ): چيچڙو ڳوٺ، پني عاقل تعلقي جي قديم ترين وسندي آهي. راءِ گهراڻي جي دور ۾ هي سنڌ جو هڪ قديم بندرگاهه هو، دياهه جي ويڪري ۽ اونهي پيٽ جا نشان هتي اڃا به موجود آهن. هن شهر کي 20هين صديءَ جي پهرين ڏهاڪن ۾ اهم حيثيت حاصل هئي. هن جي ڀرسان مشهور راوڙ سڙڪ هئي، جيڪا اچ پتڻ منار، اروڙ ۽ وس تائين ويندي هئي. چيچڙي کان اروڙ، وس ۽ ماٿيلو هڪ جيترو مفاصلو هو، مجاهد خان جڏهن دهلي کان وڏو لشڪر وٺي بکر تي ڪاهڻ آيو هو ته چيچڙي کان مٿي پڙاءُ ڪيو هئائين ۽ اتي ئي سلطان زين العابدين سان سندس مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ ارغون ڪوڪلتاش جا هزارين ماڻهو مئا هئا، جيڪي اتي ئي دفن ڪيا ويا هئا. اهو ئي سبب آهي، جو چيچڙي جي آسپاس قبرستان آهن ۽ شهيد نالي ڳوٺ به آهي. هن ئي شهر جي ماڻهن اڳتي هلي پني عاقل کي وسايو ۽ پنوعاقل ڳوٺ مان شهر ۽ چيچڙو شهر مان ڳوٺ بڻجي ويو. 1940ع کان اڳ هي وڏو تجارتي مرڪز هو. اڄ به چيچڙي ۾ وڏين بازارين جا نشان صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا، هن شهر جا اڪثر هندو اورنگزيب جي دور ۾ مسلمان ٿيا هئا ۽ سنجوڳي شيخ سڏبا هئا، يعني هڪ ئي وقت مسلمان به هئا ته هندو روايتن کي به قائم رکندا هئا ۽ ڳئون ڪهڻ کي وڏو پاپ سمجهندا هئا. بعد ۾ انهن کي مولانا تاج محمد امروٽي ۽ خليفي محمد صالح مسلمانيءَ ۾ آندو ۽ سندن نالا تبديل ڪيا. ڪليڪٽر نور محمد شيخ به اتان جو هو، جنهن جو پٽ جسٽس عبدالقادر شيخ 1977ع ڌاري سنڌ جو گورنر ۽ ان کان اڳ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهيو. چيچڙي ۾ هند سنڌ جي مشهور سنت ايسرداس جي سماڌي ۽ مڙهي آهي، جنهن مٿان 18 فوٽ ڊگهو سنهين سرن سان ٺهيل قبو اڏيل آهي، جيڪو اڄ به صحيح سالم حالت ۾ موجود آهي.
چيچڙي ڀرسان ئي درگاهه بگو شير، پير باعد، لال فريد ۽ ٻين جا قبا موجود آهن. اتر طرف لال پير جو مقام ۽ ٻيلو- عادلپور تائين پکڙيل آهي. انهيءَ مقام ۾ صديق سيهڙ جو روضو موجود آهي. چيچڙي جي ويجهن ڳوٺن ۾ لنجاري، ڳاڙهڪو، مُلا علي، روجو مهيسر ۽ پني آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو